رهمڪي بازار ڪوٽ

رهمڪي بازار ڪوٽ (ماڳ): هتي هڪ ڊٺل ڪوٽ جا آثار آهن. هتي رهمڪي بازار نالي هڪ قديم شهر آباد هو، جيڪو هاڪڙي درياهه، پراڻ جي ڪناري تي هڪ وڏو واپاري بندر هو. هيءُ شهر ڪڇ جي ماتحت به رهيو آهي. چيو وڃي ٿو ته راجا ڏيسر نالي هڪ هندو راجا 1718ع-1751ع دوران پنهنجي دؤر ۾ حڪومت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ لشڪر جي رهڻ لاءِ ڀڄ، موندرا، انجار، رابر، اوکا نالي شهرن ڪوٽ ٺهرائڻ سان گڏ رهمڪي بازار ۾ به ڪوٽ ٺهرايو.
محققن جو چوڻ آهي ته هن هنڌ تي اڳ ۾ ڪوٽ تعمير ٿيل هو، جنهن جي پراڻي ٿي وڃڻ تي هاڻوڪو ڪوٽ راجا ڏيسر پراڻي ڪوٽ جي مٿان تعمير ڪرايو هو. هيءُ شهر ٽالپرن جي دؤر ۾ به موجود هو. مير مراد علي ٽالپر جي حڪومت ۾ واگھيلن ۽ کوسن هن شهر کي ڦُريو هو. پنهنجي وقت ۾ هن شهر کي واپاري بندر طور وڏي اهميت حاصل هئي. هن وقت هن ڪوٽ جا فقط ڊٺل آثار ئي بچيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو